شاهراهه دستور

شاهراهه دستور

شاهراهه دستور

شاهراهه دستور: هيءَ پاڪستان جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ ملڪ جي اهم ترين شاهراهه آهي، جيڪا مجموعي طور 3.8 ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي. هن شاهراهه جو اتريون ڇيڙو خيابان اقبال ۽ ڏاکڻيو ڇيڙو ڪشمير هاءِ وي سان وڃي ملي ٿو. جڏهن ته شاهراهه جو اهم هنڌ ڊي- چوڪ (D. Chowk) آهي. هن شاهراهه جو افتتاح 23 اپريل 1974ع تي تڏهوڪي سينيٽ جي پهرئين وقتي چيئرمين جسٽس خان حبيب الله خان مروت ڪيو هو. وفاقي سطح تي هيءَ شاهراهه ان ڪري به اهميت جوڳي آهي، جو ملڪ جون اهم سرڪاري عمارتون هن شاهراهه تي واقع آهن، جن ۾ ايوانِ صدر، وزير اعظم سيڪريٽريٽ، نيشنل لائبرري، سپريم ڪورٽ، وزارت خارجي معاملن جي آفيس ۽ آڊيٽر جنرل جي آفيس وغيره قابل ذڪر آهن. ان کان علاوه نجي عمارتن ۾ گرانڊ حيات ۽ ٽوئن ٽاور جهڙيون شاندار عمارتون پڻ واقع آهن.
سيپٽمبر 2014ع ۾ پي. ٽي. آءِ جي سربراهه عمران خان 2013ع جي عام چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلين خلاف شاهراهه دستور (ڊي- چوڪ) تي ڌرڻو هنيو هو، جيڪو مسلسل 126 ڏينهن تائين جاري رهيو ۽ ڊسمبر 2014ع تي پشاور سانحي جي سوڳ ۾ ختم ڪيو ويو. شاهراهه دستور ملڪ جي ٻين مڙني شاهراهن کان مصروف ترين ڏٺو ويندو آهي.


لفظ شاهراهه دستورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو